رنگ وکري ته ويا ڏينهن جي ويسَ تان
رنگ وکري ته ويا ڏينهن جي ويس تان
اُسّ آڪاس ۾ تِروِرا ٿي وئي
رات ڄڻ بيوسيءَ جي فضا ٿي وئي
آس، اميد ڄڻ ڪا سزا ٿي وئي
تون نه آئين ته هينئڙو ڍرو ٿي وَيو
ڪو نه ڏونگر هيو، پر ذرو ٿي وَيو
ڪي ته سپنا هيا، جي وَيا پَنّ ٿي
رات جي لام تان سي ڇڻيو ٿي ڇڻيا
تون نه آئين ته ارمان جهُرندا رهيا
ڪِينَرو ٿي سڄي واٽ ٻُرندا رهيا
رنگ روئي هِيُون هاءِ ڳرندو رهيو
تو پُڪاري، الا، سمنڊَ رُئندو رهيو
پو ته لارون ائين هر پَهر ٿي وَيو
اکڙِيُن جو ته سنڌو به ٿَر ٿي وَيو
ها مگر ويسِرا، تون نه آئين، الا
تون نه آئين، نه آئين، نه آئين، پرين
رات آئِي، وَئِي، ڏينهن اُسريا ڪئين
هاءِ مُندون مٽيون، وَرِههَ گذري به وَيا
اڄ به انءَ ٿو لڳي رات ساڳي اُها
پَرَ کِنڊاري کِنڊاري اُڏي ٿي پَئي
تون نه ايندين، لڳي ٿو، نه ايندين پرين
پر لڳي ٿو ايامن جهُريل رات سا
ڄڻ ته سُرندي پَئي، ڄڻ ته ٻُرندي پَئي
ڄڻ ته جلندي پَئي، راتِ هلندي پَئي
Shoukat
Sir the delicacy of sindhi language is highly maintained. Each word in itself describes the essence of the idea discussed therein.
Going to get it soon.
Best of Luck.
Syre
Thanks, Shoukat, for visiting the page and reading the poem and commenting upon the same.
I appreciate your feedback.
Regards
Asif Nawaz Channa
The poetry is awesome as it was. Stay in touch. Regards Asif Nawaz Channa 0321 3014146
Syre
Thanks, Asif!
I hope you are doing great!
This poem is from the recent book launched in Arts Council the last month.
Best of luck!