I'VE poured my WINE

هڪ نظم ڏٺو مون ميلي ۾

هڪ نظم ڏٺو مون ميلي ۾
تنها، تنها ڄڻ مندر هو
!چوڙيو ٽڪريءَ جي ڇاتيءَ تي
ڄڻ گوپين ڌاران ڪشنا هو
ڄڻ مومل ڌاران ڍٽ طرف
رڙهندو، ڪڙهندو ڪو راڻو هو
ڪو ڳاڻو هو جو لوڪ ڇڏي
رڻ جي ڀاڪر ۾ ڀٽڪيو ٿي
تن گهايل ٿر جي روجهه جيان
چپڙن ۾ رُڃّ، رڙيون، راڙا
نيڻن ۾ ڄرّ، ڄراٽ، ڄِڀي
هر سِٽ ۾ ويڙهون ۽ ڪاهون
هر سِٽ ۾ درد ڀريل دانهون
هر سِٽ ۾ ٻيجل تند هئي
هر سِٽ ۾ ڏياچ به اَرتو هو
جنءَ جينءَ وراڻي ٿي آئي
تنءَ تينءَ متو ٿي جهُڙ منڊل
پو وڄ وڄ جا سرڙاٽ هيا
پو پورب، پڇّم پاڻي هو
پو ميلو صرف ڪهاڻي هو
بس نظم هيو جو چوڏس هو
باقي هو جو آکاڻي هو

Post A Comment