I'VE poured my WINE

اڃا هي وقت جو ناٽڪ هلي ٿو پيو

نظم

اڃا هيءُ وقت جو ناٽڪ هلي ٿو پيو
اڃا ڪردارَ ناٽڪ ۾ ڪئين ايندا
اڃا ناتا ڪئين جُڙندا، ڪئين ٽُٽندا، ڪئين ٻيهر جُڙي پوندا
ڪئين ڪنهن واٽَ تي پل لئه ملي ويندا
ڪئين ٿي بيخبر مُرڪي ڏِسي ويندا
ڪئين مُرڪون کڻي ايندا، ڪئين مُرڪون کڻي ويندا
گهڻن ڪارڻ اکين ڳوڙها لَڙي ايندا
ڪئين رستي مٿي جهوري، ڌِڪي ويندا
ڪئين طوفان مان ڳولي ڪڍي ويندا
سمئه جي ڌوڙ ۾ ڪيئي لڪي ويندا
الا، ڪئين ياد جا ساگر ٺهي ويندا
اڃا ڪردار ناٽڪ ۾ ڪئين ايندا
اڃا پردو ڪريو ناهي
اڃا هيءُ وقت جو منڊل هلي ٿو پيو
اڃا لمحا پَيا ڄمندا، پَيا وڌندا، پَيا ڦرندا
اڃا پل پل صدين جي واءَ کي جهوري پَيا نچندا
اڃا مهلون سمئه جي رقص ۾ نچنديون
اڃا ايّامَ جنءَ ڇڻندا ته تنءَ جُڙندا
ڪروڙين حالَ ۽ ماضي ملي ويندا
ڪروڙين خوابَ مستقبل کڻي ايندا
ڪئين سپنا بگهڙ جي واتَ مان ڳڙندا
ڪئين سپنا جهلي ڪرڻا ستارن جا تَري ايندا
ڪئين ماضي به مستقبل ٺهي ويندا
ڪئين لمحا اڌورا ئي مري ويندا
ڪئين پر ڦُوههُ جوڀن جو سمورو مَنڌُ پِي ويندا
ڪئين لمحا سمئه جي دشت ۾ ڏاگها ٺهي ويندا
ڪئين واسينگ ٿي واريءَ مٿي ليڪا بڻي ويندا
ڪئين گهوڙا، ڪئين بُشڪون ٺهي ويندا
ڪئين روجهن جيان ڊُڪندا
ڪئين تاڙن جيان تپندا، پَيا جهُرندا، ٻَروڙيندا
ڪئين جهولا کڻي ايندا
ڪئين ڪوراڙَ ٿي حملو ڪري تندون مروڙيندا
ڪئين ڪڪريون بڻي ايندا
ڪئين ڪڻ ڪڻ ڪري پو مينهن وساڙن جنءَ وري ايندا
ڪئين لمحا سمئه جو سمنڊ ٿي ڇُلندا
سمئه جي منجهڌارُن ۾ وڏيون موجون ٺهي ويندا
ڪئين غورابَ ٿي ويندا
ڪئين سِيسارَ ٿي ويندا
ڪئين لَسَ تي پَيا سُرندا
ڪُنن، ڀيرن ڀِچي ويندا
ڪئين طوفان ٿي وڙهندا
ڪئين پو بادبانن جنءَ سنڀاريندا
اڃا پردو ڪريو ناهي
تماشو وقت جو پل پل هلي ٿو پيو
اڃا منظر ڪئين ايندا
اڃا انڊلٺ رتي پئي آ، فضا ۾ رنگ وکرن پيا
شفق سان ماڪ ورسي پئي
ڪئين پنڇي اڏي ويندا
جڏهن سج جي سري چادر
ڀنيءَ جي نرڙَ تان ترڪي نوان ڪرڻا تري ايندا
نوان رستا اُڻي ايندا
ڪئين رستا سدا هلندا هليا ويندا
ڪئين اڌ مان مُڙي ويندا
ڪٿي واٽون ڪٽي ويندا، ڪٿي تن سان ملي ويندا
انهي ڪٽ جوڙ جو شطرنج پيو سرندو
ڪڏهن آڪاس کي ڌرتي پڪاريندي
ڪڏهن آڪاس ڌرتي کي پڪاريندو
ڪڏهن آڪاس ۽ ڌرتي ملي ويندا
ڪڏهن چانڊاڻ ڳائيندي
ڪڏهن تارا ٻُري ويندا
ڪڏهن اُس ۾ پهي پچندا
ڇمر جي ڇانوَ کي پورو ڳِهي ويندا
ڪڏهن کجنديون ڪئين کوڻيون، ڪئين بادل گُڙي ويندا
ڪٿي ٻوڏون ، ڪٿي بوندون ڏئي ويندا
ائين منظر پَيا ڀربا
ائين منظر پَيا مٽبا
اڃا هيءَ رنگ ڀومي دم به دم آهي
اُڌم آ هيءُ ناٽڪ گهر اُڌم آهي
ڪروڙين ٻيا به آکاڙا ٺهي ويندا
اُتي ٿي جُنگ جوڌا ڪئين هلي ايندا
ڪئين منڊليون، ڪئين منڊل جُڙي ويندا
تماشا، رنگَ رسَ، جادو ڪئين ٿيندا
الا، هيءَ رنگ ڀُومي رنگ برنگي آ
انهيءَ مان رنگ ڪئين ڦُٽندا هليا ويندا
ڪٿي ڪي کيڏَ ريٽا رنگ لائيندا
ڪٿي رنگريز، نِيرولي لڙي ايندا
ڪٿي اڇڙا، ڪٿي ڪاريرڙا ڊراما رچي ويندا
ڪروڙين ڳاٽَ پيا ايندا
ڪروڙين ناٽَ پيا ٿيندا
اڃا هيءَ رنگ ڀُومي دم به دم آهي
اُڌم آ هيءُ ناٽڪ گهر اُڌم آهي
انهي اندر تماشا ڪئين نوان جُڙندا
ڪهاڻيون ڪئين نيون رچنديون
فسانا ڪئين نوان ٺهندا
اڃا ويڙهون ڪئين ٿينديون، اڃا هاڃا ڪئين ٿيندا
ڪٿي هيلن کڄي ويندي، وري يونان پيو جلندو
ڪٿي پيو روم ڳرندو، ور ڪٿي جاپان پيو سڙندو
سمئه جي ٻوڏ ۾، هئه، هئه، ڪئين جوڌا لُڙهي ويندا
ڪئين دودا تري ايندا
ڪئين ٻيجل ڌري ويندا
ڪئين دارا مري ايندا
ڪئين سرمد ٻَري ايندا
ڪئين ڪرشن، ڪئين رام ۽ ڪئين ارجن وري ايندا
ڪئين راوڻ ڀُري ويندا
اڃا پردو ڪريو ناهي
اڃا هيءُ کيڏُ لمحن جو هلي ٿو پيو
ڪئين ميهار ٿي ايندا، ڪئين آرِي ٺهي ايندا
ڪئين سهڻيون نهارينديون، ڪئين سسئيون پڪارينديون
فسانا پيار جا ٿيندا، پَيا ٿيندا
ڪئين راڳي مِڙي ايندا، ڪئين چارڻ چُري ايندا
ڪئين چنگ ۽ ڪئين سُرندا ٻُري ويندا
ڪئين تانون، ڪئين آلاپ ٿي ويندا
نغارا ڪئين وڄي ويندا
ڪٿي پورب پَيو جُهرندو
ڪٿي پڇم ڪري ٽانڊَو پَيو نچندو
سمئه جو ساهه پيو هلندو
سمئه جو ساهه پيو هلندو
اڃا هيءُ وقت جو ناٽڪ هلي ٿو پيو
اڃا ڪردار ناٽڪ ۾ ڪئين ايندا
اڃا لمحا پَيا جُڙندا، پَيا وڌندا
اڃا منظر ڪئين جُڙندا
اڃا ناٽڪ هلي ٿو پيو
اڃا پردو ڪريو ناهي

Post A Comment