I'VE poured my WINE
Currently browsing: سنڌي شاعري

سنڌي شاعري

  • اڃا هي وقت جو ناٽڪ هلي ٿو پيو

    نظم
    اڃا هيءُ وقت جو ناٽڪ هلي ٿو پيو
    اڃا ڪردارَ ناٽڪ ۾ ڪئين ايندا
    اڃا ناتا ڪئين جُڙندا، ڪئين ٽُٽندا، ڪئين ٻيهر جُڙي پوندا
    ڪئين ڪنهن واٽَ تي پل لئه ملي ويندا
    ڪئين ٿي بيخبر مُرڪي ڏِسي ويندا
    ڪئين مُرڪون کڻي ايندا، ڪئين مُرڪون کڻي ويندا
    گهڻن ڪارڻ اکين ڳوڙها لَڙي ايندا
    ڪئين رستي مٿي … Continue reading

  • هڪ نظم ڏٺو مون ميلي ۾

    هڪ نظم ڏٺو مون ميلي ۾
    تنها، تنها ڄڻ مندر هو
    !چوڙيو ٽڪريءَ جي ڇاتيءَ تي
    ڄڻ گوپين ڌاران ڪشنا هو
    ڄڻ مومل ڌاران ڍٽ طرف
    رڙهندو، ڪڙهندو ڪو راڻو هو
    ڪو ڳاڻو هو جو لوڪ ڇڏي
    رڻ جي ڀاڪر ۾ ڀٽڪيو ٿي
    تن گهايل ٿر جي روجهه جيان
    چپڙن ۾ رُڃّ، رڙيون، راڙا
    نيڻن … Continue reading

  • پاڻي اڄ اتهاس لڳي ٿو

    I wrote this poem in Sindhi getting inspiration from the above photo Emily Hauze had shared on Facebook a year back. I don’t precisely recall the place where she had snapped this photo, but guess it was somewhere near Larkana, the north-western famous district of Sindh province, where one of the–rather the oldest of–civilizations, the Indus … Continue reading

  • رنگ وکري ته ويا ڏينهن جي ويسَ تان


    رنگ وکري ته ويا ڏينهن جي ويس تان
    اُسّ آڪاس ۾ تِروِرا ٿي وئي
    رات ڄڻ بيوسيءَ جي فضا ٿي وئي
    آس، اميد ڄڻ ڪا سزا ٿي وئي
    تون نه آئين ته هينئڙو ڍرو ٿي وَيو
    ڪو نه ڏونگر هيو، پر ذرو ٿي وَيو
    ڪي ته سپنا هيا، جي وَيا پَنّ ٿي
    رات جي لام … Continue reading